تازه ترين

ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيل 2 ڄڻا بازياب ڪرايا آهن: حارث نواز

سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته مکي جڳديش ۽ ڊاڪٽر منير نائچ بازياب ٿي ويا آهن، اڄ کين وارثن حوالي ڪيو ويندو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو ته  سنڌ ۽ پنجاب جي دنگ تي لڳل ڌرڻو  ختم ٿي ويندو.

هن چيو ته سنڌ جي مختلف علائقن مان اغوا ٿيل اقليتي برادري جي ٻن ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، باقي ٻن کي به بازياب ڪرايو ويندو.

سندس چوڻ هو ته مغوين واري معاملي کان هٽي ڪيل مطالبن کي قبول نه ڪيو ويندو، ڀنگ طلب ڪندڙ وڏيري ۽ سردار جي نشاندهي ڪئي وڃي ته رقم واپس ڪرائي ويندي.

برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو ته  پوليس ۾ وڏي پئماني تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون پيون وڃن.

هن چيو ته  پيرن جي حويلين ۽ وڏيرن جي اوطاقن تي سرچ آپريشن ڪيو ويندو، ڀلي ڪو ڪيترو به بااثر ڇو نه هجن کين بخش نه ڪيو ويندو.

برگيڊيئر حارث نواز چيو ته   پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو، منشيات، سمگلنگ ۽ گٽڪي جي سرپرستي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون