تازه ترين

ڪشمور ضلعي مان بدامني جي خاتمي ۽ مغوين جي بازيابيءَ لاءِگڊوءَ ڀرسان ڊيرا موڙ تي سوين ماڻهن جو لڳل ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري

ڪشمور ضلعي مان بدامني جي خاتمي ۽ مغوين جي بازيابيءَ لاءِگڊوءَ ڀرسان ڊيرا موڙ تي سوين ماڻهن جو لڳل ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري آهي.

 سياسي سماجي ۽ قومپرست ڌريون به احتجاج ۾ شامل آهن.

ايس يو پي صدر سيد زين شاهه ۽ جسقم چيئرمين صنعان قريشي به ڌرڻي ۾  شرڪت ڪئي آهي.

نوشهروفيروز ۾ وڪيلن ۽ سول سوسائٽي طرفان ڪشمور ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ ڌرڻي جي حمايت ۾ وڪيل عبدالستار لهراڻي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.

ڌرڻي جي حمايت ۾ شاهپور جهانيان ۾ جسقم جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي.

شٽربند هڙتال سبب  مڇي مارڪيٽ، موبائيل مارڪيٽ، ڪپڙا مارڪيٽ ۽ ٻيو ننڍو وڏو ڪاروبار مڪمل طور تي بند رهيو.

هنن چيو ته پوليس جي نااهلي سبب بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، شهرين کي ڌاڙيلن جي رحم وڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته مغوي ساگر ڪمار کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ ڌرڻو جاري رهندو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
scattered clouds
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
74 %
4.7kmh
47 %
آچر
25 °
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
22 °
خميس
24 °

تازه ترين خبرون