ڪشمور مان ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ٿيل نوجوان ساگر ڪمار کي پوليس بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.
ايس ايس پي ڪشمور روحل کوسو هندو پنچائت هال پهچي بازياب ڪرايل مغوي ساگر ڪمار کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.
نوجوان ساگر جي بازيابيءَ تي وارثن ۽ هندو پنچائت پاران پوليس ۽ ساٿ ڏيندڙن جا ٿورا مڃيا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان ساگر ڪمار کي ڪشمور ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي کانپوءِ بازياب ڪرايو ويو.


