ڪشمور ڀرسان گيهلپور ٿاڻي جي حد ۾ پوليس چوڪي تي ڌاڙيلن جو حملو، هڪ اهلڪار شهيد، 2 زخمي

- Advertisement -
ڪشمور ڀرسان ڌاڙيلن پوليس چوڪي تي حملو ڪري هڪ اهلڪار کي شهيد ۽ ٻن کي زخمي ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري هٿيار کڻي فرار ٿي ويا. ڪچي واري علائقي گيهلپور ٿاڻي جي حد ۾ ڌاڙيلن  شهيد حدو ڊومڪي پوليس چوڪي تي جديد هٿيارن سان حملو ڪيو. ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ دادو واسي هڪ اهلڪار عبدالعزيز برهماڻي شهيد ۽ 2  اهلڪار مولا بخش کوسو ۽ شهمير برهماڻي زخمي ٿي پيا. شهيد پوليس جو مڙهه ۽ زخمي اهلڪارن کي سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو، واقعي کانپوءِ ڌاڙيل سرڪاري هٿيار کڻي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. واقعي جي اطلاع تي وڏي انگ ۾ پوليس جا آفيسر ۽ اهلڪار گيهلپور ۾ پهتل آهن………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
11.7 ° C
11.7 °
11.7 °
43%
1.2m/s
43%
اڱارو
22 °
اربع
22 °
خميس
23 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون