تازه ترين

ڪشمور ۾ معمولي ڳالهه تان مارجي ويل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ڪشمور ۾ معمولي ڳالهه تان مارجي ويل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ دشتي برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪري لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو.

مقتول حضور بخش دشتي جي وارثن پريس ڪلب آڏو انڊس هاءِ وي تي  لاش رکي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان  گاڏين جو قطارون لڳي ويو ۽  ٽريفڪ معطل وئي.

مظاهرين جو چوڻ آهي ته  پوليس اهلڪار شريف چاچڙ نوجوان حضور بخش دشتي کي سروٽا هڻي قتل ڪيو آهي.

وارثن جو چوڻ هو ته  ڪشمور پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. پوليس جي خاطري بعد مقتول نوجوان حضور بخش دشتي جي وارثن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,160FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
27 %
2.4kmh
37 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون