تازه ترين

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ پوليس جي ننڍن ٿاڻن کي وڏن ٿاڻن ۾ ضم ڪرڻ ۽ ننڍن ٿاڻن کي چيڪ پوسٽن ۽ رپورٽنگ سينٽرن ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو، ڊي آءِ جيز، ايس ايز پيز ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ صوبائي سطح تي ٿاڻن جي نئين سر جوڙجڪ سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو ۽ حڪم جاري ڪيا ويا.

سنڌ ۾ پوليس جي ننڍن ٿاڻن کي وڏن ٿاڻن ۾ ضم ڪرڻ ۽ ننڍن ٿاڻن کي چيڪ پوسٽن ۽ رپورٽنگ سينٽرن ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس اسٽيشنن ۾ پوليسنگ جي سطح کي نه رڳو درست ڪيو وڃي پر ان تحت هاڪاري ۽ فائديمند قدمن کي وڌايو وڃي.

سندس چوڻ هو ته پوليس جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ لاءِ انتظامي ۽ مالي معاملن کي وڌائڻو پوندو.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، اي آءِ جي ڪراچي جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي جوڙيندي چيو ته ٿاڻن جي نئين سر جوڙ جڪ وقت جي ضرورت آهي، ننڍن ٿاڻن کي وڏن ٿاڻن ۾ ضم ڪرڻ، ننڍن ٿاڻن کي چوڪ پوسٽن ۽ رپورٽنگ سينٽرز ۾ تبديل ڪرڻ بابت جامع سفارشن تي ٻڌل مسودو تيار ڪري موڪليو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
15.3 ° C
15.3 °
15.3 °
55 %
5.9kmh
65 %
جمعو
15 °
ڇنڇر
19 °
آچر
22 °
سُومر
23 °
اڱارو
24 °

تازه ترين خبرون