تازه ترين

ڪشميرين تي ڀارتي ظلم انسانيت کي لڄائيندڙ آهن، مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جو آواز بڻجي سڄي دنيا ۾ گونجندو، ڪشميرين تي ڀارتي ظلم انسانيت کي لڄائيندڙ آهن، ڀارت ظالماڻي قدمن سان ڪشميرين کي آزادي واري حق کان محروم نٿو رکي سگهي، ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو وائکو ٿي چڪو آهي، سڄي دنيا کي ڪشمير تي ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز بلند ڪرڻو پوندو.

ڪشمير جي استحصال واري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ مراد علي شاهه چيو ته ڪشمير پاڪستان جو نه ٽٽندڙ حصو آهي ۽ هو هر فورم تي ڪشمير جو آواز بڻجندا.

سندس چوڻ هو ته 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن ڀارتي جو سيڪيولرازم جي دعويٰ جي پت وائکي ڪري ڇڏي.

 سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان ڪشميرين جو آواز بڻجي سڄي دنيا ۾ گونجندو، ڀارت ظالماڻي قدمن سان ڪشميرين کي آزادي واري حق کان محروم نٿو رکي سگهي، سڄي دنيا کي ڪشمير تي ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز بلند ڪرڻو پوندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
3.1kmh
100 %
ڇنڇر
29 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون