- Advertisement -
ڪشمير جي استحصال جي ڏينهن تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو آهي.
حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ شهباز بلڊنگ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ مختلف کاتن جي آفيسرن، سياسي سماجي شخصيتن ۽ اسڪولي شاگردن سميت شهرين شرڪت ڪئي، ان دوران ڪشميرين سان يڪجهتي ۽ ڀارت جي بربريت خلاف نعريبازي ڪئي وئي.
مٺي ۾ سماجي ڀلائي واري کاتي پاران نيشنل بينڪ کان ڪشمير چوڪ تائين ريلي ڪڍي پاڪستان زندهه باد ۽ پاڪ فوج زندهه باد جا نعرا هنيا ويا.
ريلي ۾ اي ڊي سي ون رياض احمد شيخ، اي ڊي سي ٽو محمد عثمان خاصخيلي، ميونسيپل چيئرمين منوج ڪمار ملاڻي، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ليکراج سارنگاڻي، ڊپٽي ڊائريڪٽر کينراج سميت وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي.
ڇاڇرو ۾ به ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ شهر جي مک چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ٽائون چيئرمين سميت وڏي انگ ۾ شهري شريڪ ٿيا.
ميرپورخاص ۾ ڊي سي رشيد احمد جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مختلف کاتن جي آفيسرن ۽ ملازمن شرڪت ڪئي.
ڊگھڙي ۾ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ميل پرائمري آفيس کان ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ درمحمد شالماڻي، تيجارام جيساني ۽ ٻين آفيسرن به شرڪت ڪئي.
لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر شرجيل نور چنا جي اڳوڻي ۾ شهر جي پائليٽ اسڪول کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي وي آءِ پي روڊ کان ٿيندي ايس ايس پي چوڪ تي پهتي، جتي اڳواڻن خطاب ڪيو.
ريلي ۾ ضلعي چيئرمين اعجاز احمد لغاري، ميئر لاڙڪاڻو انور علي لهر، ڊي او سيڪنڊري گلبهار مگسي، ڊي او پرائمري انيس جلباڻي، ڊي ايس پي پارس بکراڻي، ۽ ٻين شرڪت ڪئي..
ڪشمور ۾ هندو پنچائت ۽ ينگ هندو اتحاد پاران مکي گيان چند، پون ڪمار، راجيش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنچايت هال کان علمدار چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڪشميرين سان ايڪتا جو اظهار ڪيو ويو.
شڪارپور ۾ ڪشميرين سان ٻڌي جي اظھار لاءِ ضلعي انتظاميه پاران جھاز چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ روينيو، تعليم، صحت سميت مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي.
ريلي کي ڊي سي شڪارپور الطاف احمد چاچڙ، ڊي ايڇ او وسيم شيخ، ڊي اي او محمد شاھ، اي سي ذيشان احمد، نادر پنھور، غلام نبي سومرو، اشفاق سومرو ۽ ٻين خطاب ڪيو.
ٽنڊي الهيار ۾ ڊپٽي ڪمشنر سليم الله اوڍو جي اڳواڻي ۾ ميونسپل ڪميٽي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ آفيسرن سميت وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي.
جيڪب آباد ۾ ڊي سي ظهور علي مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مختلف کاتن جي آفيسرن ۽ ملازمن شرڪت ڪئي.
قمبر ۾ اي ڊي سي زوهيب اوڍاڻو ۽ ڊي اي او الله بخش سومرو جي اڳواڻي ۾ هاءِ اسڪول کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.
سجاول ۾ ضلعي انتظاميا ۽ سول سوسائٽي پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍي ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو.
نوشهرفيروز ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر محمد مستقيم قريشي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.
ڪوٽڙي ۾ ڊي سي ڄامشورو رياض حسين وساڻ جي اڳواڻي ۾ هاءِ اسڪول کان الله واري چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڪشميرين جي حق ۾ نعرا هنيا ويا.
ڪنري ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر محمد خان ڀنگوار جي اڳواڻي ۾ قاضي سلطان هائير سڪينڊري اسڪول کان الله واري چوڪ تائين ريلي ڪڍي ويئي.
مدئجي ڊگري ڪاليج ۾ ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ تقريب ڪوٺائي وئي.
تقريب کانپوءِ ڪشميرين سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ ريلي پڻ ڪڍي وئي، ريلي ۾ استادن توڙي شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪري پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي.
ٽنڊي ڄام ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ استادن ۽ شاگردن پاران ايم شيخ هال کان ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي تائين ريلي ڪڍي وئي.
خانپور مهر ۾ ٽي اي او الهوڌايو منگي، افشان نائچ ۽ محمد لائق مهر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
باقراڻي، ميراواهه گورچاڻي، اوٻاوڙو ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪشمير جي استحصال ڏهاڙي تي ريليون ڪڍي ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو.
ريلين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪشميرين جي آزاديءَ جي جدوجهد تمام گهڻي ڊگهي آهي، ڀارتي فوج ظلم ۽ ڏاڍ ذريعي ڪشميرين کي پنهنجي جدوجهد تان هٿ نه ٿو کڻائي سگهي، گڏيل قومن کي والاريل ڪشمير ۾ هلندڙ ظلم ۽ زيادتي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.- Advertisement -
