- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڪشميرين جي خوداراديت واري جدوجهد جي حمايت جاري رکڻ جو عزم ڪيو آهي.
ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته پنج سال اڳ ڀارت، والاريل ڪشمير جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيترائي هڪ طرفا ۽ غير قانوني قدم کنيا.
سندس چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ لاءِ 5 آگسٽ 2019ع کان هڪ مسلسل مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀارت جا اهي سمورا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن، ڀارت جي اندروني قانون سازي ۽ عدالتي فيصلو ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد کي دٻائي نٿا سگهن.
هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بند ڪرڻ لاءِ عالمي برادري ڀارت تي زور ڀري.
صدر آصف علي زرداري چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل ڪرائي ڪشميرين سان انصاف ڪيو وڃي.
ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پنج آگسٽ 2019ع تي ڀارت جو غيرآئيني ۽ غيرقانوني قدم والاريل ڪشمير کي دنيا جي وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪشميري عوام جي حقيقي قيادت کي خاموش ڪرڻ ۽ ميڊيا جو آواز دٻائڻ لاءِ ڀارت هر قسم جا ظلم ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڀارتي فوج ظالماڻن قانونن جي آڙ ۾ هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي.
هن چيو ته هو ڪشميري عوام جي بيمثال حوصلي، جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪن ٿا، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع وارو هڪ طرفو ۽ غيرقانوني قدم واپس وٺي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي حق خود اراديت جي حاصل ٿيڻ تائين سندن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.- Advertisement -
