ونگو پتڻ وٽ مٺي کان کوسڪي ويندڙ زال مڙس مٿان وين ڊرائيور ۽ ڪلينر پاران مبينا طور تشدد ڪيو ويو.
متاثر پورهيت جو چوڻ آهي ته هو مٺي کان کوسڪي وڃي رهيا هئا ته ڪلينر ۽ ڊرائيور کين ونگو پتڻ وٽ تشدد جو نشانو بڻائي گاڏي مان لاهي ڇڏيو.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي مٿن تشدد ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي..