تازه ترين

ڪنب: ساکاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 5 کان وڌيڪ زخمي

- Advertisement -
ڪنب ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو قتل ۽ پنج ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. ڳوٺ تاجو خان ساکاڻي ۾ ساکاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي جي نتيجي ۾ عاشق ساکاڻي سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي عاشق ساکاڻي دم ڌڻي حوالي ڪيو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ڪوٽڏيجي پهچايو. هڪ ڄڻي جي قتل ۽ پنجن جي زخمي ٿيڻ بعد ڌرين ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ هلندڙ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
23.5 ° C
23.5 °
23.5 °
53 %
4.6kmh
74 %
خميس
26 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون