يوسي ميمڻ جا فنڊز بند ٿيڻ سبب يوسي جو سمورو ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو آهي
فنڊز بند ٿيڻ سبب يوسي جا رهواسي ڏکيائين ۾ مبتلا آهن.
يوسي چيئرمين محمد هارون ميمڻ جو چوڻ آهي ته کيس اڃا تائين چارج ناهي ملي سگهي، آءِ ڊي بلاڪ ۽ يوس ڊيفيڪٽ هجڻ سبب ڪارونهوار متاثر آهي.
ٽرانزيڪشن آفيسر غلام حسين ڪپري موجب يو سي وارن ٽن مهينن کان نادرا جي فيس جمع ناهي ڪرائي جنهن ڪري آءِ ڊي بلاڪ ٿيل آهي.
هن چيوته آءِ ڊي بلاڪ هجڻ ۽ فنڊز بند سبب ملازمن جو پگهارون به نه ٿي سگهيون آهن.
علائقي واسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن.
