ڪنري ۾ نوجوان جو گهر مان ڦاهو لڳل لاش ھٿ آيو.
غريب آباد ڪالوني ۾ گهر اندر نوجوان چيتن عرف گڊو گجراتي جو لاش ڏسي گهر ڀاتين پوليس کي اطلاع ڏنو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان چيتن عرف گڊو گجراتي آپگهات ڪيو آهي.
نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو.