صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جي ضمانت ۾ واڌ

- Advertisement -
ميرپور ماٿيلي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ پ پ ايم اين خالد لنڊ سندس پٽ  شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جي ڪچي ضمانت ۾ 17 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي. پ پ ايم اين اي خالد لنڊ سندس پٽ شهباز لنڊ ۽  نور محمد لنڊ عدالت ۾ پيش ٿيا. گرفتار جوابدار اصغر لنڊ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت پ پ ايم اين اي خالد خان  لنڊ ۽ سندس  پٽن جي ڪچي ضمانت ۾ 17 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ ايم اين اي خالد لنڊ جو چوڻ هو ته  جي آءِ ٽي پاران کين  حيدرآباد طلب ڪيو ويو هو، جتي کائن پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته کين جتي به سڏيو ويندو، هو  ويندا آھن. خالد لنڊ جو چوڻ هو ته هو بيگناهه آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23 ° C
23 °
23 °
46%
1.6m/s
0%
آچر
23 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون