ڪنڊياري ۾ ڳوٺاڻي طرفان بااثر جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ڳوٺ محمد بچل پيرزادي جي رهواسي زاهد پيرزادو پاران برادري جي بااثرن جي مبينا ناانصافين خلاف نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.
احتجاج ڪندڙ زاهد پيرزادي چيو ته هو غريب ۽ مسڪين آهي، ڳوٺ جي بااثرن اشفاق پيرزادي، نواب علي، ذاڪر حسين سندس جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
ڳوٺاڻي چيو ته بااثر مٿس، ڪوڙا الزام هڻي کيس بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
هن الزام هڻندي چيو ته بااثر کيس تي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
احتجاج ڪندڙ وڌيڪ چيو ته بااثر مختلف ادارن ۾ سندس خلاف ڪوڙيون درخواست داخل ڪرائي کيس هيسائي رهيا آهن.
هن چيو ته بااثرن پاران سندس خلاف داخل ڪرايل درخواستن تي هو آفيسن جا چڪر لڳائي ٿڪجي پيو آهي، پر درخواست ڪندڙ اتي نٿا اچن.
هن ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف قدم کڻي کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي.