ٺل ويجهو نينگر مڇيءَ جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، وارثن ٻن ڪلاڪن جي ڳولا کانپوءِ نينگر جو لاش هٿ ڪري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ جونگل ۾ ويجهو 10 سالن جو مرتضي پهوڙ مڇيءَ جي تلا ءَ ۾ ٻڏي ويو.
اطلاع تي وارثن پهچي ٻن ڪلاڪن جي ڳولا بعد نينگر جو لاش هٿ ڪري اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد نينگر جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
نينگر مرتضيٰ پهوڙ جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ۾ڪهرام مچي ويو.
