تازه ترين

ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ بڊاڻي ۾ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪري سڀاڻي کان شهرن ۾ شٽر بند هڙتال ڪرڻ جو اعلان

ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ بڊاڻي ۾ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪري سڀاڻي کان شهرن ۾ شٽر بند هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني خلاف، ساگر ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ، مکي جگديش ڪمار ۽ نينگر جئه ديپ سميت ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ هندو پنچايت جي سڏ تي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ۾ ڊاڪٽر ميھر چند، جئرام داس، تلسي داس، دلمراد ڏاھاڻي، اڪرم باجڪاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ڪشمور جي هندو پنچايت جي سڏ تي ساگر ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ، مکي جگديش ڪمار ۽ نينگر جئه ديپ سميت ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ شهر جي سڄاڻ ڌرين پاران پنچايت هال کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ڪڍي وئي.

ريلي ۾ چودري نريش ڪمار ڪيسواڻي، مکي وشن داس ڪيسواڻي، محمد زمان دايو، افضل عطا ڪلوڙ، ڊاڪٽر مشتاق سومرو، غلام جيلاني منگي، راڻا غفار علي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

بڊاڻي ۾ مکي جگديش ڪمار ۽ نينگر جئه ديپ سميت ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ استاد مولچند ڪمار، واشديو ڪمار، سيد دانش شاهه، مظهر حسين چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيل ماڻهن جي بازيابي ۽ امن جي بحالي تائين سڄي ضلعي جي شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته ڪشمور ضلعي ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ٿي ويو آهي، پوليس مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن.

  اڳواڻن چيو ته سڀاڻي کان ضلعي جي شهرن اندر شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي جيستائين سرڪار ڪشمور جون حالتون بهتر ڪرڻ لاءِ تڪڙا اپاءُ نٿي وٺي احتجاج جاري رهندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,172FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
12 %
0.6kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون