تازه ترين

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ترميمي بل 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ترميمي بل 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

بل ۾ ماس ٽرانزٽ ايڪٽ 2014ع ۾ ترميم لاءِ قانونسازي ڪئي وئي آهي.

ترميم موجب، ماس ٽرانزٽ بس اسٽيشن، ڊپو ۾ بنا اجازت داخل ٿيڻ، بنا ٽڪيٽ سفر ڪرڻ، ماس ٽرانزٽ بس کي ڪنهن به قسم جو نقصان پهچائڻ يا سفر ۾ رنڊڪ وجهڻ سزا جوڳو ڏوهه تصور ڪيو ويندو جنهن تي ڏنل رولز موجب ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو.

ترميم ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص ذيلي قلم 2 تحت ڪو ڏوهه ڪري ٿو ته آپريٽر وٽ مقرر ڪيل ڏنڊ مڙهڻ ۽ وصول ڪرڻ جو اختيار هوندو ۽ ڏنڊ جي رقم مقرر ڪيل اڪائونٽ هيڊ ۾ جمع ڪرائي ويندي.

ترميم موجب، لاڳاپيل اٿارٽي، آفيسر يا ايجنٽ اختيار جي دائري تحت عدالت ۾ اهڙي شخص خلاف ڏنڊ جي اوڳاڙي لاءِ شڪايت ڪرائي سگهي ٿو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.2 ° C
27.2 °
27.2 °
45 %
3.5kmh
6 %
سُومر
27 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
33 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون