ڪنڌڪوٽ ۾ عيد ڏينهن تنگواڻي طرف گهمڻ ويل 3 دوست پراسرار طور گم ٿي ويا آهن، وارثن طرفان اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي.
ڪنڌڪوٽ جي گوليمار واري علائقي جا رهواسي لياقت شيخ، محبوب ملڪ ۽ ڪراڙو ملڪ عيد ڏينهن تنگواڻي طرف گهمڻ ويا هئا جيڪي واپس نه آيا آهن.
وارثن جو چوڻ هو ته ڳولا باوجود ٽنهي دوستن جو ڪو به ڏس پتو ناهي پيو، شڪ آهي ته ٽنهي کي ڌاڙيل اغوا ڪيو ويا آهن.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ٽنهي نوجوانن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي……….