ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو جڏهن ته ڌاڙيلن ٻن ڳوٺاڻن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ٻنهي کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.
گبلو ٿاڻي جي حد ۾ ڌاڙيلن، ٻن ڳوٺاڻن دادلو گولو ۽ غلام شبير کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن ٻنهي ڳوٺانن کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو.
واقعي بعد ٻنهي زخمي ڳوٺاڻن کي رحيم يار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
گبلو ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل ٻن ڳوٺاڻن کي زخمي ڪرڻ بعد ڪچي طرف فرار ٿي ويا آهن.
پوليس موجب، ٻن ڳوٺاڻن کي زخمي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.