تازه ترين

ڪوٽڙي ۾ پوليس ننڍي عمر جو ٻار چوري جي ڪيس ۾ گرفتار، عدالت ۾ پيش .

ڪوٽڙي ۾ پوليس ننڍي عمر جي ٻار کي چوري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو .

ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي خورشيد پوليس پوسٽ جي انچارج 12سالن جي معصوم نينگر شاه زمان چانڊيو کي چوري جي الزام ۾ گرفتار ڪري هٿڪڙيون هڻي سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ ٿاڻوبولاخان ايٽ ڪوٽڙي عامر علي ميمڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو .

جج پوليس پوسٽ انچارج تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي نينگر کي سندس پيءُ جي شخصي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو .

جج آڏو معصوم نينگر پوليس تي تشدد ڪرڻ جو الزام لڳايو.

ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي حد خورشيد پوليس پوسٽ انچارج پهرالدين ڏاهاڻي بھار ڪالوني ۾ قائم پي پي ايڇ آئي اسپتال ۾ سولر پليٽن جي ڪاپر تارون چوري ڪرڻ واري ڪيس ۾ معصوم نينگر شاهه زمان پٽ محمد خان گرگيز چانڊيو کي گرفتار ڪيو .

نينگر شاهه زمان چانڊيو جو چوڻ هو ته پوليس بيگناهه گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو، عدالت مان انصاف جي اميد آهي . خورشيد پوليس پوسٽ جي حد ۾ قائم پي پي ايڇ آئي اسپتال جي چوڪيدار خادم حسين پنهور 3 سيپٽمبر تي معصوم نينگر مٿان چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو هو .

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون