- Advertisement -
ڪوٽ غلام محمد ويجهو گونگي نوجوان مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڊگهڙي روڊ تي 26سالن جي راجا ميگهواڙ چِڪُن جي باغ ۾ مبينا طور ڦاهو کائي زندگيءَ جو انت آندو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
نوجوان جو مڙهه گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.
واضح رهي ته ڪجهه سال اڳ نوجوان جي والد ۽ سندس ڀاءُ پڻ آپگهات ڪيو هو.- Advertisement -
