تازه ترين

ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل تي ڀارتي دهشتگردي عالمي سطح تي وائکي ٿي چڪي آهي :جليل عباس جيلاني

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته ڀارت هڪ عرصي کان خطي جي ملڪن جي خودمختاري تي حملا ڪندو پيو اچي، ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل تي ڀارت جي دهشتگردي عالمي سطح تي وائکي ٿي چڪي آهي، ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ خطي ۾ امن ممڪن ناهي، پاڪستان والاريل ڪشمير بابت گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل چاهي ٿو، ڀارت والاريل ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪري گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪئي، نگران وزيراعظم خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي.

گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير بابت گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل چاهي ٿو، ڀارت والاريل ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪري گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪئي، ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ خطي ۾ امن ممڪن ناهي.

سندس چوڻ هو ته گڏيل قومون والاريل ڪشمير تي ڀارتي موقف کي نٿيون مڃن، ڀارت هڪ عرصي کان خطي جي ملڪن جي خودمختاري تي حملا ڪندو پيو اچي، ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل تي ڀارت جي دهشتگردي عالمي سطح تي وائکي ٿي چڪي آهي.

نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته افغان عبوري حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر خاطري ڪرائي آهي ته سندن ڌرتي ڪنهن خلاف استعمال نه ٿيندي، گڏيل قومن جي 78هين اجلاس ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي هم منصبن سان ملاقاتون ڪيون ۽ مختلف معاملن بابت پاڪستان جي موقف ۽ معاشي بحالي جي حوالي سان کنيل حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو.

هن چيو ته انوار الحق ڪاڪڙ والاريل ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ ڀارتي ظلمن کان آگاهه ڪيو ۽ ڪشمير مسئلي بابت واضح موقف پيش ڪيو، نگران وزيراعظم خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي.

نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته نگران وزيراعظم ماحولياتي تبديلين سان ٿيل نقصانن کي به اجاگر ڪيو، پاڪستان سان جنهن ماحولياتي امداد جا عالمي واعدا ڪيا ويا هئا اهي ملڻ شروع ناهن ٿيا جيڪو ڪري رهيا آهن هو پنهنجي وسيلن سان ڪري رهيا آهن اميد آهي  عالمي امداد جلد ملڻ شروع ٿي ويندي………

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.8 ° C
32.8 °
32.8 °
24 %
4.8kmh
0 %
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون