ڪي پي جي ضلعي ڪرم ۾ فرقيوار ڇڪتاڻ سبب مارجي ويل ماڻهن جو انگ وڌي 76 ٿي ويو، جڏهن ته ڌرين ۾ لاش ۽ قيدي واپس ڪرڻ سميت جنگبندي تي اتفاق ڪيو ويو آهي، ڪي پي حڪومت جي ترجمان بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته حالتون ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت جو وفد اڄ به قبائلي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪندو.
ڪرم ضلعي ۾ فرقيوار ڇڪتاڻ سبب وڌيڪ 6 ڄڻا مارجي ويا، جنهن سبب مارجي ويلن جو انگ وڌي 76 ٿي ويو.
چئن ڏينهن کان بدامني جي واقعن ۾ هن وقت تائين 76 ڄڻا مارجي چڪا آهن جن ۾ 49 مسافر به شامل آهن، جن کي پارا چنار ۾ نشانو بڻايو ويو.
ڪي پي حڪومت جي ترجمان بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته ڪرم ضلعي ۾ فرقيوار ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ مارجي ويل ماڻهن جو انگ 76 ٿي ويو آهي.
هن چيو ته حالتون ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت جو وفد اڄ به قبائلي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪندو.