تازه ترين

پنجاب ۾ ڪٿي به پي ٽي آءِ جو احتجاج نظر نه اچي رهيو آهي، ڪي پي مان وفاق تي حملو ڪيو پيو وڃي:مصدق ملڪ

- Advertisement -
پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته پنجاب ۾ ڪٿي به پي ٽي آءِ جو احتجاج نظر نه اچي رهيو آهي، ڪي پي مان وفاق تي حملو ڪيو پيو وڃي،  ڪي پي جي وڏي وزير کي پنهنجي صوبي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصدق ملڪ چيو ته تحريڪ انصاف طرفان اسلام آباد ۾ ڪاهه ڪئي پئي وڃي، تحريڪ انصاف لاهور جي قيادت اڄ ڪٿي آهي،؟ پنجاب جي ڪنهن به شهر ۾ مظاهرين نظر نٿا اچن. هن چيو ته رڳو ڪي پي مان حملا ڪيا پيا وڃن، علي امين گنڊاپور اسلام آباد تي حملو ڪرڻ چاهي ٿو، پي ٽي آءِ وارا نٿا چاهين ته باني ٻاهر اچي، وزيراعليٰ گنڊاپور کي عوام جو ڪو خيال ناهي. مصدق ملڪ چيو ته لاهور، فيصل آباد، گوجرانوالا، ملتان ۾ پي ٽي آءِ جا جلسا ڪيڏانهن ويا،؟ بشرا بيبي ته غيرسياسي هئي هو جلسن جي قيادت ڇو ڪري رهي آهي، ٻين کي طعنا ڏيندڙ پاڻ خانداني سياست ڪري رهيا آهن، دوست ملڪن سندن ۽ پي ٽي آءِ باني جي هميشه مدد ڪئي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته حڪومتي قدمن سان مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ملڪ جي بلند ترين سطح تي آهي، عوامي مسئلا حل ڪرڻ سندن ترجيح آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
11 %
3kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون