تازه ترين

ڪي پي جي نئين وڏي وزير جي چونڊ اڄ ٿي رهي آهي

- Advertisement -
ڪي پي جي نئين وڏي وزير جي چونڊ اڄ ٿي رهي آهي. وڏي وزير جي چونڊ لاءِ پي ٽي آءِ جي نامزد سهيل آفريدي ۽ مخالف ڌر جي ٽنهي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. ڪي پي اسيمبلي جي اسپيڪر اميدوارن طرفان جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي. تحريڪ انصاف طرفان سهيل آفريدي وڏ وزارت جو اميدوار آهي، مخالف ڌر جو مولانا لطف الرحمان، پ پ جو ارباب زرڪ ۽ ن ليگ جو سردار شاهجهان اميدوار آهي. تحريڪ انصاف جي وزيراعليٰ جي چونڊ لاءِ رٿابندي جاري آهي، جڏهن ته حڪومتي ميمبرن کي سرگرميون محدود ڪرڻ ۽ وزيراعليٰ هائوس پشاور ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرام راجا وزيراعليٰ جي چونڊ تائين پشاور ۾ ئي رهندو. اسپيڪر بابر سليم جو چوڻ هو ته وزيراعليٰ استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي، آئين بلڪ واضح آهي، وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي، اڄ وڏي وزير جي چونڊ ٿيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
37 %
2.2kmh
7 %
آچر
22 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون