تازه ترين

ڪچي جا ڌاڙيل آخري پساهن ۾ آهن، مغوي ٻارڙن کي ٻڌي وڊيو وائرل ڪرڻ شرم جوڳو عمل آهي: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪچي جا ڌاڙيل آخري پساهن ۾ آهن، مغوي ٻارڙن کي ٻڌي وڊيو وائرل ڪرڻ شرم جوڳو عمل آهي، پوليس جا جوان قوم جي حفاظت لاءِ هر وقت موت جي منهن ۾ هوندا آهن، پوليس اهلڪارن پنهنجون جانيون ڏئي دهشتگردن جي ارادن کي ناڪام بڻايو آهي،  سنڌ سرڪار شهيدن جي وارثن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي.

ڪراچيءَ ۾ پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي تي ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته 4 آگسٽ جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد پوليس جي شهيدن جي قربانين کي ياد ڪرڻ آهي.

سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شهيدن جي قربانين سبب ملڪ آباد آهي، هو دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن سان مقابلو ڪندڙ اهلڪارن جي حوصلا افزائي ڪن ٿا، کين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪار جي قربانين کي ياد رکڻو آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
broken clouds
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
54 %
1.5kmh
67 %
خميس
25 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
27 °
آچر
29 °
سُومر
30 °

تازه ترين خبرون