آءِ جي سنڌ ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ايس ايس پي ڪشمور لاءِ پنج لک رپيه روڪ انعام جو اعلان ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته ڪچي ۾ مقرر پوليس اهلڪارن کي الرٽ ڪري انٽيليجنس نيٽ ورڪ وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ ڪچي واري علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن بابت ڪيلن فيصلن ۽ کنيل قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو.
ڊي آءِ جي سکر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي، ايس ايس پي سکر، شڪارپور، ڪشمور ڪنڌڪوٽ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ يقيني ڪاميابي لاءِ غيرمعمولي حڪمت عملي ۽ فيصلن تي عمل ڪرڻ بابت گذريل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جو جائزو ورتو.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، پوليس مقابلي دوران بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪشمور لاءِ پنج لک رپيه روڪ انعام جو اعلان ڪيو.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ڪچي ۾ مقرر پوليس اهلڪارن کي الرٽ ڪيو وڃي.
هن چيو ته انٽيليجنس نيٽ ورڪ وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته ڌاڙيلن جي ٿاڪن ۽ سندن مددگارن خلاف ڪارروائي وڌيڪ تيز ٿيڻ گهرجي.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته حراست ۾ ورتل جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيسن ۾ سڃاڻپ پريڊ کي لازمي بڻايو وڃي.
آءِ جي سنڌ چيو ته انويسٽيگيشن الائونس جاچ واري شعبي کي سنڌ جي سطح تي ڏنو ويندو………..