تازه ترين

ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان آپريشن ڪرڻ جو فيصلو

ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، محسن نقوي جو چوڻ آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن سميت ڏوهارين خلاف جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان آپريشن ٿيندو،  دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وفاق صوبن جي ڀرپور مدد ڪندو .

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ  نيڪٽا هيڊ ڪوارٽر ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت جائزا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري،  نيڪٽا سربراهه، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ گهرو سيڪريٽري به شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ پنجاب، سنڌ، ڪي پي، بلوچستان، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد جي آءِ جيز به شرڪت ڪئي.

نيڪٽا جي نيشنل ڪو آرڊينيٽر، قومي ايڪشن پلان ۽ انٽيليجنس ادارن جي ٽيم ۽ چيف ڪمشنر به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران سنڌ ۽ پنجاب جي ڪچي وارن علائقن ۾ گڏيل آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس کي خطاب ڪندي محسن نقوي چيو ته ڪچي جي علائقي ۾ وڳوڙي عنصرن جو گڏيل آپريشن ذريعي خاتمو ڪيو ويندو ۽ گڏيل آپريشن لاءِ ڊرونز سميت جديد ٽيڪنالاجي کان مدد حاصل ڪئي ويندي.

اجلاس ۾ پوليس کي جديد ٽيڪنالاجي ڏيڻ بابت بريفنگ ڏني وئي ۽  سموري پاڪستان جي پوليس کي نئين ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ بابت صلاح مشورا ڪيا ويا.

محسن نقوي چيو ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ  پنهنجي ادارن کي جديد ٽيڪنالاجي ڏيڻي پوندي، وفاق صوبن جي هر ممڪن مدد ڪندو.

هن چيو ته پوليس سميت سمورن سڪيورٽي ادارن کي چيني شهرين جي حفاظت لاءِ ايس او پيز تي 100 سيڪڙو عمل يقيني بڻائڻو پوندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
9.2 ° C
9.2 °
9.2 °
20 %
3.3kmh
2 %
ڇنڇر
8 °
آچر
10 °
سُومر
11 °
اڱارو
12 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون