تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

گار يا گولي مسئلن جو حل ناهي، رياست کي ڪمزور ڪندڙ ڪا به تحريڪ قوم قبول نه ڪندي : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته گار يا گولي مسئلن جو حل ناهي، رياست کي ڪمزور ڪندڙ ڪا به تحريڪ قوم قبول نه ڪندي، پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي، فتنو پکيڙيندڙن جي خاتمي تائين پاڪ فوج ۽ سڪيورٽي ادارا آپريشن جاري رکندا. جي ايڇ ڪيو ۾ بچاءِ واري ڏهاڙي جي مک تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ وزيراعظم شهبازشريف خاص مهمان تور شرڪت ڪئي، جي ايڇ ڪيو آمد تي  وزيراعظم کي سلامي پيش ڪئي وئي ۽ آرمي چيف سندس آجيان ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وزير چيو ته پاڪستان جو سرحدون امن جون سرحدون آهن، قومن جي خوشحاليءَ جي منزل امن سان ملي ٿي، هو امن جا خواهشمند آهن، پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي اتفاقِ راءِ موجود آهي، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين هو چين سان نه ويهندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حفاظت، ترقي ۽ خوشحالي سڀني جي ذميواري آهي، هو سمورن پاڙيسيرين سان پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهن. شهبازشريف چيو ته قومن جي ورهاست، رياست کي ڪمزور ڪندي آهي،  پاڪستان ڪشميرين ۽ فلسطنين لاءِ آواز اٿاريندو رهندو. تقريب دوران شهيدن جي آخري خطن ۽ لمحن بابت شهيد جي ڊائري جي نالي سان وڊيو هلائي وئي، جنهن شهيدن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
23 %
2.9kmh
10 %
جمعو
24 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون