وفاقي حڪومت دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، قوم پنهنجن شهيدن تي فخر ڪري ٿي :خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته وفاقي حڪومت دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، قوم پنهنجن شهيدن تي فخر ڪري ٿي. خواجه آصف ڪوئيٽا ۾ شهيد ميجر جلال الدين جي گهر پهتو ۽ سندس گهر ڀاتين سان ملاقات ڪري شهيد کي ڀيٽا پيش ڪئي۽ فاتحه پڙهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته شهيدن جون مقدس رت ضايع نه ويندو، بهادر شهيد جي گهرڀاتين سان ملڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته شهيدن  پنهنجي قيمتي جانين جو نذرانو ڏئي پاڪستان کي مضبوط بڻايو، هو شهيدن جو قرض نه لاهي سگهندا. خواجه آصف چيو ته پاڪستان قوم شهيدن جي قرضي آهي، وفاقي سرڪار  دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19 ° C
19 °
19 °
44%
2.5m/s
0%
سُومر
28 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون