سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج ۽ نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته گرجا گهرن تي ڪو حملو ڪري ته مسلمانن مٿان فرض آهي ته جهاد ڪري.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جڙانوالا ۾ عيسيٰ نگري جو دورو ڪري متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ گهرن جو معائنو ڪيو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ متاثرن جي روڪ مالي مدد ڪئي ۽ سندس گهر واري متاثرن ۾ راشن جي ورڇ ڪئي.
ان موقعي تي متاثرن سان ڳالهائيندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جڙانوالا جو واقعو نهايت افسوس جوڳو آهي، هو متاثرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.
هن چيو ته مسيحي برادري جا به ٻين وانگر حق آهن، سڀ برابر جا شهري آهن ۽ ڪنهن کي به ڪنهن مٿان سرسي حاصل ناهي.
سندس چوڻ هو ته ڪو به اهڙو مسلمان ناهي جيڪو حضرت عيسيٰ کي پيغمبر مڃڻ کان انڪار ڪري، مسيحي برادري کي چرچ ٺاهڻ جو ايترو ئي حق آهي جيترو مسلمانن کي مسجد ٺاهڻ جو آهي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته گرجا گهرن تي ڪو حملو ڪري ته مسلمانن تي فرض آهي ته جهاد ڪري.
هن چيو ته هن پنهنجي عهدي جي ڪري علائقي جو دورو نه ڪيو آهي، هڪ شهري طور ٻئي شهري وٽ آيو آهي، هر انسان جو فرض آهي ته متاثرن جي مدد ڪري، متاثرن جي مدد ڪرڻ سندن ديني فرض آهي…………………