تازه ترين
اسرائيل جو جنگي جنون ختم نه ٿيو، اسرائيلي ڪابينا بجيٽ 2026ع ۾ فوج لاءِ 35 بلين ڊالر جي وڏي رقم رکي ڪ... اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ بمباري جو سلسلو جاري آهي، والاريل اولهه ڪناري ۾ هڪ فلسطيني کي شهيد فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي فيفا امن ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو ڪراچي جي علائقي گذري ۾ گھريلو تڪرار تان جوابدار ڇرين جا وار ڪري پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي قتل 1971ع جي جنگ ۾ وطن جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ ميجر محمد شبير شريف شهيد جو اڄ 54 هون شهادت جو ڏ... آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بغير نمبر پليٽ گاڏين ۽ بغير لائسنس گاڏين خلاف ڪاررواين جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو پاڪستان سعودي عرب ۾ افغانستان سان ڳالهين بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو جمهوريت هميشه ڳالهين سان اڳتي وڌندي آهي، ڊيڊلاڪ ان کي ڪمزور ڪندو آهي : راڻا ثناءُ الله نوٽيفڪيشن بابت واويلا ڪندڙن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي: عطا تارڙ وڏي وزير مراد علي شاهه جون 2027ع تائين گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو افتتاح ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

گرلس ڪاليج ٺٽي جي شاگردياڻي نجمه ڪاليج مان پراسرار نموني گم ٿي وئي

- Advertisement -
گرلس ڪاليج ٺٽي جي شاگردياڻي نجمه ڪاليج مان پراسرار نموني گم ٿي وئي، وارث اغوا جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو. گرلس ڪاليج ٺٽو جي شاگردياڻي نجمه ڪاليج مان پراسرار نموني گم ٿي وئي آهي. ڪاليج مان پراسرار طور گم ٿيل شاگردياڻي نجمه جي والد يوسف ملاح ۽ چاچي رستم ملاح پريس ڪلب ٺٽو پھچي  احتجاج ڪيو. هنن چيو ته سندن نياڻي گرلس ڪاليج ٺٽو جي شاگردياڻي گذريل ڏينهن ڪاليج اٽينڊ ڪرڻ لاءِ وئي جيڪا ڪيتري دير تائين گهر نه پهتي جنهن بعد اسان گرلس ڪاليج ٺٽو پهتاسين ته ڪاليج ٽائيم ختم ٿي ويو هو. هنن چيو ته اسڪول جي پرنسپل رضيه سان فون تي شاگردياڻي بابت پڇا ڪئي، جنهن تي پرنسپل ٻڌايو ته شاگرياڻي  پڙهائي ٽائيم کان پوءِ پنهنجي گهر لاءِ نڪتي، جنهن بعد کين وڌيڪ ڪا ڄاڻ نه آهي. شاگردياڻي نجمه جي والد يوسف ملاح  ٻڌايو ته کيس خدشو آهي ته سندس نياڻي کي ڪاليج مان اغوا ڪيو ويو آهي جنھن ۾ ڪاليج جو عملو به ملوث ٿي سگھي ٿو. ھن چيو ته کيس شڪ آھي ته گهوڙاٻاري واسي ڪجھه شڪي ماڻهن پلاننگ تحت سندس ڌيءُ کي اغوا ڪيو آهي، هنن اڳ به نياڻي کي اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون. هن آئي جي سنڌ، تعليم جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه، ڊي سي ٺٽو، ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو ته سندس نياڻي بازياب ڪرائي ڏني وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
14.3 ° C
14.3 °
14.3 °
22 %
1.9kmh
89 %
آچر
17 °
سُومر
16 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون