- Advertisement -
گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن خلاف 10 سيپٽمبر تي هم خيال سياسي پارٽين جو اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، سردار عبدالرحيم جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي پهريون حق سنڌ صوبي جو آهي پر سنڌ مخالف حڪمران سياسي پارٽيون پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ ارسا قانون ۾ ترميم ڪري سنڌ جو پاڻي کسڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جنهن کي سنڌ جو باشعور عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو.
جاري ڪيل بيان ۾ سردار عبدالرحيم چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن خلاف 10 سيپٽمبر تي هم خيال سياسي پارٽين جو رٿيل اجلاس فنڪشنل ليگ هائوس ڪراچي ۾ ٿيندو.
هن چيو ته اجلاس ۾ شرڪت لاءِ صفدر عباسي، سيد زين شاهه، اياز لطيف پليجو، ڊاڪٽر قادر مگسي، رياض چانڊيو، راشد محمود سومرو، محمد حسين محنتي ۽ ٻين سنڌ دوست سياسي پارٽين کي دعوت ڏني وئي آهي.
سردار عبدالرحيم چيو ته اجلاس ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن واري معاملي ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف گڏيل تحريڪ تي غور ڪيو ويندو.
هن چيو ته اجلاس ۾ گڏيل حڪمت عملي جوڙي سازش خلاف جدوجهد شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.
سردار عبدالرحيم چيو ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي پهريون حق سنڌ صوبي جو آهي پر سنڌ مخالف حڪمران سياسي پارٽيون پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ ارسا قانون ۾ ترميم ڪري سنڌ جو پاڻي کسڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جنهن کي سنڌ جو باشعور عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو، 10 سيپٽمبر تي رٿيل اجلاس ان سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اهم ثابت ٿيندو.- Advertisement -
