بجلي جي اگهن جو نظام برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي، ملڪي ترقي کي نقصان پهچي رهيو آهي:اويس لغاري

- Advertisement -
توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته بجلي جي اگهن جو نظام برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي، ملڪي ترقي کي نقصان پهچي رهيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي  اويس لغاري چيو ته بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ  حڪومت آءِ پي پيز سان معاهدن تي نظرثاني لاءِ ڳالهيون ڪري رهي آهي. هن چيو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي خاص حد تائين ڪاروباري سوديبازي ڪرڻ کانسواءِ  جلد رعايت ڏيڻي پوندي. اويس لغاري پاور ڪمپنين کي معاهدي جو ڪو نئون مسودو يا خاص شرط موڪلڻ جي ترديد ڪندي چيو ته حڪومت نئين معاهدي لاءِ آءِ پي پيز کي مجبور نه ڪندي، معاهدي ۾ تبديلي گڏيل راضپي سان ٿيندي. سندس چوڻ هو ته مستقل بنيادن تي عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش جاري آهي، آءِ پي پيز بابت به ڪم ٿيڻ وارو آهي، جلد آءِ پيز بابت خوشبري ملندي. توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته 2019 ۾ پي ٽي آءِ باني جي ڪابينا آءِ پي پيز کي رليف ڏنو، پي ٽي آءِ جي حڪومت وٽ موقعو هو جيڪو ڄاڻي واڻي ضايع ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته اڳوڻي وزير محمد علي جي رپورٽ کي ٻي مرحلي تائين کڻي ويا آهن، اگهه گهٽائڻ جا مختلف طريقا موجود آهن، جيترا به پلانٽ لڳايا ويا آهن انهن سمورن سان ڳالهيون جاري آهن..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
36%
2.1m/s
0%
خميس
30 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °
آچر
27 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون