تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن خلاف 10 سيپٽمبر تي هم خيال سياسي پارٽين جو اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪري ورتو

- Advertisement -
گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن خلاف 10 سيپٽمبر تي هم خيال سياسي پارٽين جو اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي،  سردار عبدالرحيم جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي پهريون حق سنڌ صوبي جو آهي پر سنڌ مخالف حڪمران سياسي پارٽيون پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ ارسا قانون ۾ ترميم ڪري سنڌ جو پاڻي کسڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جنهن کي سنڌ جو باشعور عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو. جاري ڪيل بيان ۾ سردار عبدالرحيم چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن خلاف 10 سيپٽمبر تي هم خيال سياسي پارٽين جو رٿيل اجلاس  فنڪشنل ليگ هائوس ڪراچي ۾ ٿيندو. هن چيو ته اجلاس ۾ شرڪت لاءِ صفدر عباسي، سيد زين شاهه، اياز لطيف پليجو، ڊاڪٽر قادر مگسي، رياض چانڊيو، راشد محمود سومرو، محمد حسين محنتي ۽ ٻين سنڌ دوست سياسي پارٽين کي دعوت ڏني وئي آهي. سردار عبدالرحيم چيو ته اجلاس ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن واري معاملي ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف گڏيل تحريڪ تي غور ڪيو ويندو. هن چيو ته اجلاس ۾ گڏيل حڪمت عملي جوڙي سازش خلاف جدوجهد شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. سردار عبدالرحيم چيو ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي پهريون حق سنڌ صوبي جو آهي پر سنڌ مخالف حڪمران سياسي پارٽيون پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ ارسا قانون ۾ ترميم ڪري سنڌ جو پاڻي کسڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جنهن کي سنڌ جو باشعور عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو، 10 سيپٽمبر تي رٿيل اجلاس ان سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اهم ثابت ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
14 %
7.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون