سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ڇيو آهي ته گرين لائن سروس پاڪستان چوڪ تائين هجڻ گهرجي، ريڊ لائن کي ٽاور تائين کڻي وڃڻ جو پروگرام غور هيٺ آهي.
نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانسز جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران بريفنگ ڏني وئي آهي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ پيپلز بس سروس هلي رهي آهي، پنڪ بس سروس، اليڪٽرڪ وهيڪل، گرين لائن ۽ اورنج لائن بي آر ٽيز به هلي رهيون آهن.
بريفنگ ۾ چيو ويو ته ريڊ لائن، ڪراچي اربن موبلٽي پراجيڪٽ تي ڪم جاري آهي، ڪراچيءَ ۾ پيپلز بس تحت 203 بسون نون روٽن تي هلايون پيون وڃن.
وڏي وزير کي ٻڌايو ويوته آر بي ٽيز جو ڪامن ڪوريڊور نمائش آهي، جتي سموريون بسون اينديون.
نگران وڏي وزير چيو ته گرين لائن تي هلندڙ بسن جي ٽرانسپورٽ کاتو مختلف وقتن تي رپورٽ ٺاهي، اورنج لائن 3 ڪلوميٽر جو ڪوريڊور آهي، جنهن ڪري ان تي سواري گهٽ آهي، ان کي وڌائڻ جو منصوبو ٺاهيو وڃي.