تازه ترين

گلشن حديد ۾ ٽيچرز ۽ عورت اسٽاف سان زيادتي جي الزام ۾ گرفتار خانگي اسڪول جي پرنسپل خلاف ڪيس داخل

ملير جي علائقي گلشن حديد ۾ ٽيچرز ۽ عورت اسٽاف سان زيادتي جي الزام ۾ گرفتار خانگي اسڪول جي پرنسپل خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

گلشن حديد ۾ قائم خانگي اسڪول ۾ پرنسپل عرفان ميمڻ خلاف جماعت اسلامي جي وفد شڪايت ڪئي هئي، جنهن کي شهرين جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو هو.

پوليس موجب جوابدار وٽان 25 کان وڌيڪ وڊيوز هٿ ڪيون ويون، پوليس وٽ سموريون شاهديون موجود آهن.

ايس ايس پي ملير موجب گرفتار جوابدار وڊيوز ذريعي ٽيچرز ۽ ٻئي اسٽاف کي بليڪ ميل ڪري زيادتي ڪندو هو.

هن چيو ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا متاثر عورتن سان ملندي، ڪميٽيءَ ۾  عورت آفيسر کي به شامل ڪيو ويندو.

آءِ جي سنڌ رفعت مختار  معاملي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

تعليم واري نگران صوبائي وزير رعنا حسين به معاملي جو نوٽيس وٺندي معاملي جي جاچ جي هدايت ڪئي.

ايڊيشنل ڊائريڪٽر رجسٽريشن رفيعه ملاح جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير جي هدايت تي ڊائريڪٽوريٽ پرائيويٽ انسٽيٽيوشن واقعي جي جاچ لاءِ چار رڪني ڪميٽي جوڙي آهي.

هن چيو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر قربان ڀٽو ڪميٽيءَ جو سربراهه هوندو، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ممتاز قمبراڻي، زيد مگسي ۽ جاويد قاضي شامل آهن.

رفيعه ملاح چيو ته حقيقتن ۽ ڪميٽيءَ  جي سفارشن تي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

گلشن حديد ۾ ٽيچرز ۽ عورت اسٽاف سان زيادتي جي الزام ۾ گرفتار خانگي اسڪول جي پرنسپل خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته سرڪاري فرياد تي داخل ڪيس ۾ اسڪول جي مالڪ کي نامزد ڪيو ويو آهي.

پوليس اختيارين موجب، ڪيس ۾ ٽيلي گراف ايڪٽ ۽ ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن، جوابدار اسڪول جو مالڪ ۽ پرنسپل آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
18 %
2.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
27 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون