گمبٽ: گمس اسپتال ۾ افغانستان جي ٻارڙيءَ جي جيري جو ڪامياب ٽرانسپلانٽ

- Advertisement -
گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ افغانستان جي ستن ورهين مطهره جي جيري جي ڪامياب پيوندڪاري ڪئي وئي آهي. نينگري جي امڙ  ٻڌايو ته اڳ به هڪ نياڻي جيري جي عارضي سبب فوت ٿي وئي هئي، گوگل تي سرچ ڪيو ته پاڪستان جي سنڌ صوبي جي گمبٽ شهر ۾ مفت ٽرانسپلانٽ بابت ڄاڻ ملي. نينگري جي امڙ چيو ته سنڌ حڪومت، ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي ۽ ليور ٽرانسپلانٽ ٽيم جا ٿورائتا آهن جن مفت علاج ڪيو آهي. ڊاڪٽر نديم باچڪاڻي جو چوڻ آهي ته نينگري جي صحت بهتر آهي، سندس علاج ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر موجب، نينگري جي هفتو اڳ جيري جي پيوندڪاري ڪئي هئي، جيڪا بلڪل فري ۾ ڪئي وئي آهي، نينگري جي زندگي کي ڪو به خطرو نه آهي. گمس اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي چيو ته گمس هڪ وڏو ادارو بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ مفت علاج جاري آهي. ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي چيو ته افغانستان واسڻ عورت پنهنجي نياڻي جي علاج لاءِ رابطو ڪيو ۽ مفت جيري جي پيوندڪاري ڪئي وئي آهي، بنا فرق جي ڏيھه توڙي پرڏيھه جي مريضن جو علاج ڪيو پيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
27%
1.5m/s
9%
خميس
23 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون