- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيس ۾ پوليس ۽ جي آءِ ٽي کي جاچ تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي نه ٿيڻ تي پوليس اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو ته سڀني کي خبر آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي واري معاملي تي پوليس جي جاچ ۽ نتيجو ٻڙي آهي، جي آءِ ٽي جي اجلاسن ۾ بھ مغوين جي گهرڀاتين کي پريشان ڪيو وڃي ٿو.
جاچ آفيسر چيو ته گم ٿيل شهرين مان گهڻا پاڻ ئي گم ٿي ويا آهن.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو ته پنهنجي مرضي سان ڪير گم ٿيندو آھي، ڪا تھ لاجڪ واري ڳالهه ڪريو.
عدالت پوليس ۽ جي آءِ ٽي عملدارن کي جاچ تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جا خاندان انتهائي پريشان آهن.
عدالت بچاءَ واري سيڪريٽري کان قسم نامي سميت اڳڀرائي رپورٽ به طلب ڪري ورتي.
عدالت ملڪ جي حراستي مرڪزن ۾ قيد شهرين جا تفصيل ٻيهر طلب ڪري ورتا.
عدالت هن وقت تائين گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا واري معاملي تي جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت سنڌ جي گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي حڪم ڏيندي چيو ته بنيادي انساني حقن جو معاملو آھي، جي آءِ ٽي فوري طور تي جوڙي وڃي.
عدالت گم ٿيل شهري عمر صديقي جي بازيابيءَ لاءِ جي آءِ ٽي جو اجلاس فوري طور طلب ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت گارڊن واري علائقي مان گم ٿيل شهرين خليل الرحمان، محمد يوسف، عطاءُ الله، نصيرم خاتون ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
عدالت پوليس، سنڌ جي گهرو کاتي، وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ بچاءَ واري سيڪريٽري کان 30 جون تي رپورٽ طلب ڪري ورتي.- Advertisement -
