گهرو وزارت، پي ٽي آءِ جي 24 نومبر واري احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو

spot_img
گهرو وزارت، پي ٽي آءِ جي 24 نومبر واري احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب اسلام آباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر احتجاج کي نظر ۾ رکندي ٻن مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. گهرو وزارت طرفان لاڳاپيل سڪيورٽي ادارن کي مڪمل تياري جي هدايت به جاري ڪئي آهي. گهر وزارت جي ذريعن طرفان ٻڌايو ويو ته شرپسندي ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ترين قانوني ڪارروائي ڪرڻ ۽ اسلام آباد ۾ سرڪاري ۽ اهم عمارت جي سڪيورٽي لاءِ سخت ترين حفاظتي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪوي ويو آهي. گهرو وزارت جاڙن شهرن ۾ سڪيورٽي لاءِ ڳري نفري مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته اسلام آباد سميت ٻين شهرن ۾ افغان پناهگيرن جي ڪميپن جي جيو فينسنگ جو عمل به شروع ڪيو ويو آهي. حڪومتي ذريعن موجب احتجاج دوران شرپسندي ڪندڙ شاگردن جون تعليمي سندون به رد ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي جڏهن ته شرپسندن جا پاسپورٽ، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ سم بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو به غور هيٺ آهي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
26%
1.7m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
18 °

تازه ترين خبرون