نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر پينشن سڌارا متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته گهوسٽ پينشنرن کي پينشن نظام۾ ڪڍيو وڃي، ڊي سيز ناڻي کاتي سان کليل ڪچهري ڪري پينشن ڪيسن جي تصديق ڪن.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ ناڻي کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران وڏي وزير کي ناڻي واري سيڪريٽري ڪاظم جتوئي بريفنگ ڏني.
وڏي وزير صوبي ۾ پينشن سڌارا متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.
سندس چوڻ هو ته پينشن خرچ ڪرنٽ روينيو خرچ جو 14 سيڪڙو تمام گهڻو آهي،ان ڪري گهوسٽ پينشنرن کي سسٽم مان ڪڍيو وڃي.
نگران وڏي وزير چيو ته خزاني آفيس وارا پينشن ڏيڻ ۾ دير ڪندا آهن، پيشن فراڊ قبول ناهن، هو چاهي ٿو ته ناڻي کاتي ۾ آٽوميشن آندو وڃي


