گهوسٽ پينشنرن  کي پينشن نظام۾ ڪڍيو وڃي: باقر پينشن

spot_img
- Advertisement -

نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر پينشن سڌارا متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته گهوسٽ پينشنرن  کي پينشن نظام۾ ڪڍيو وڃي،  ڊي سيز  ناڻي کاتي سان کليل ڪچهري ڪري پينشن ڪيسن جي تصديق ڪن.

نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ ناڻي کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران وڏي وزير کي ناڻي واري سيڪريٽري ڪاظم جتوئي بريفنگ ڏني.

وڏي وزير صوبي ۾ پينشن سڌارا متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.

سندس چوڻ هو ته پينشن خرچ ڪرنٽ روينيو خرچ جو 14 سيڪڙو تمام گهڻو  آهي،ان ڪري  گهوسٽ پينشنرن کي سسٽم مان ڪڍيو وڃي.

نگران وڏي وزير چيو ته خزاني آفيس وارا پينشن ڏيڻ ۾ دير ڪندا آهن، پيشن فراڊ قبول ناهن، هو چاهي ٿو ته  ناڻي کاتي ۾ آٽوميشن آندو وڃي

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12 ° C
12 °
12 °
24%
1.2m/s
0%
اربع
14 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون