تازه ترين

گهوٽڪيءَ ۾ ساوند – سندراڻي تڪرار تان پوليس اهلڪار شهيد

- Advertisement -
گهوٽڪيءَ ۾ ساوند – سندراڻي تڪرار تان پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي. ساوند سندراڻي تڪرار تان هٿياربندن قادرپور جي علائقي جادي واري کوهه وٽ فائرنگ ڪئي. هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار عبدالحفيظ ساوند شهيد ٿي ويو، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب اڪرم ساوند زخمي ٿي پيو. واقعي کانپوءِ شهيد اهلڪار جو مڙهه ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب واقعو ساوند سندراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، جلد ملوث جوابدارن کي گرفتار  ڪيو ويندو. هوڏانهن شهيد ٿيل پوليس اهلڪار جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي سميت ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنا چيو ته  ڪچي ۾ آپريشن سبب ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڏوهارين جي بزدلاڻي حرڪت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
34 %
3kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون