تازه ترين

گهوٽڪي جي ڪچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جو آپريشن، هڪ ڏوهاري مارجي ويو، 5 گرفتار

سرحد ويجهو پوليس ۽ رينجرز طرفان ڪچي ۾ گڏيل آپريشن ڪيو ويو، مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو  ۽ ڇهن کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس ۽ رينجرز پاران ڳجهي اطلاع تي ڳوٺ ڪوٽلا ويجهو راهب شر گينگ خلاف آپريشن ڪيو ويو.

رينجرز ترجمان موجب آپريشن ڌاڙيل منير شر ۽ عبدالحڪيم جي موجودگي واري اطلاع تي ڪيو ويو.

ترجمان موجب آپريشن دوران جوابدارن پوليس ۽ رينجرز مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري غلام نبي مارجي ويو.

رينجرز ترجمان موجب ڪارروائي دوران جوابدار منير احمد شر، محمد عالم، عبدالحڪيم، حضور بخش ۽ بابر کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هڪ رائفل، 10 موبائيل فونون، ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي.

ترجمان موجب گرفتار ڏوهارين کي پوليس حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گڻگي ۽ نئون ڪوٽ واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8 ° C
8 °
8 °
46 %
1kmh
7 %
اڱارو
8 °
اربع
12 °
خميس
14 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون