سرحد ويجهو پوليس ۽ رينجرز طرفان ڪچي ۾ گڏيل آپريشن ڪيو ويو، مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو ۽ ڇهن کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس ۽ رينجرز پاران ڳجهي اطلاع تي ڳوٺ ڪوٽلا ويجهو راهب شر گينگ خلاف آپريشن ڪيو ويو.
رينجرز ترجمان موجب آپريشن ڌاڙيل منير شر ۽ عبدالحڪيم جي موجودگي واري اطلاع تي ڪيو ويو.
ترجمان موجب آپريشن دوران جوابدارن پوليس ۽ رينجرز مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري غلام نبي مارجي ويو.
رينجرز ترجمان موجب ڪارروائي دوران جوابدار منير احمد شر، محمد عالم، عبدالحڪيم، حضور بخش ۽ بابر کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هڪ رائفل، 10 موبائيل فونون، ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي.
ترجمان موجب گرفتار ڏوهارين کي پوليس حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گڻگي ۽ نئون ڪوٽ واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي.
گهوٽڪي جي ڪچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جو آپريشن، هڪ ڏوهاري مارجي ويو، 5 گرفتار
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10
°
C
10
°
10
°
26%
1.4m/s
1%
اڱارو
10
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


