پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جتي ن ليگ سان معاهدو ناهي ٿيو اتي ايم ڪيو ايم کي موقعو ملندو.
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران صحافيءَ سوال ڪيو ته چيو پيو وڃي ته پ پ ڪامران ٽسوريءَ تي اعتراض آهي.
ان تي بلاول جواب ڏنو ته هنن ڪنهن هڪ شخص بابت اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي.
پ پ چيئرمين چيو ته ن ليگ سان سندس ڳالهه ٻولهه فائنل ٿي وئي آهي ته ڪٿي ڪٿي گورنر فائنل ٿيندا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جتي جتي ن ليگ سان معاهدو ناهي ٿيو، اتي ايم ڪيو ايم کي موقعو ملندو……..