نواز شريف جي فضل الرحمان سان ملاقات، وزيراعظم چونڊ ۾ حمايت جي درخواست

- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف، مولانا فضل الرحمان کي وزيراعظم جي چونڊ ۾ شهباز شريف جي حمايت جي درخواست ڪئي آهي. ميان نوازشريف مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه پهچي ساڻس ملاقات ڪئي، جنهن ۾ احسن اقبال، اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، خواجه سعد رفيق، مولانا غفور حيدري ۽ ڪي پي جو گورنر غلام علي ۽ نور عالم به شرڪت ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ن ليگ جي قائد نوازشريف، مولانا فضل الرحمان کي حڪومت سان گڏ هلڻ جي دعوت ڏيندي وزيراعظم جي چونڊ ۾ مدد جي درخواست پڻ ڪئي، جنهن بابت مولانا کيس آگاهه ڪري ڇڏيو. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته مولانا فضل الرحمان پنهنجي موقف بابت آگاهه ڪيو، سندن ڪوشش آهي ته مولانا ساڻن گڏ هلي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي ساڻن ڪا به ڪاوڙ ناهي، محمود خان اچڪزئي کي به گڏ کڻي هلايو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
31%
2.4m/s
0%
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون