تازه ترين

گورنر سنڌ طرفان چائلڊ ڪيئر نويٽريشن پلان جي شروعات ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوريءَ شاگردن ۾ خوراڪ جي کوٽ واري مسئلي جي حل لاءِ چائلڊ ڪيئر نيوٽريشن پلان جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، شروعاتي مرحلي ۾ ڪراچي جي هڪ سئو اسڪولن  ۾ پڙهندڙ ٻارن کي روزانو مفت نيرن ڪرائي ويندي. وفاقي حڪومت ۽ سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي سهڪار سان گورنر ڪامران ٽسوريءَ فري بريڪ فاسٽ انيشيٽو جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. گورنر هائوس ۾ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪامران ٽسوريءَ چيو ته معاشري ۾ اهڙا ٻار به آهن جن ڏيڍ يا ٻه ورهين کان کير ناهي پيتو، ته ڪنهن ٻار وري ڇهن مهينن کان آنو ناهي کايو. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ ڪراچيءَ جي هڪ سئو اسڪولن جي ٻارن کي نيرن ڪرائي ويندي ۽ اهو پروگرام وقت سان گڏ وڌندو. گورنر چيو ته دوستن کي درخواست آهي ته ان نيڪيءَ جي ڪم پنهنجو حصو ضرور وجهن، پروگرام تحت نيرن ۾ آنو ۽ کير به هوندو ته جيئن  ٻار پڙهائي تي ڌيان ڏئي سگهن، فري بريڪ فاسٽ پروگرام به ڪامياب ٿيندو. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته مولانا بشير فاروقي اهو ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو  رياست کي ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۾ اڍائي کان ٽي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
33 %
3.7kmh
23 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون