پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته گورنر کي ڏاچي وارو معامو سرڪس يا فوٽو سيشن ۾ تبديل نه ڪرڻ گهرجي.
جاري ڪيل بيان ۾ شازيا مري جو چوڻ آهي ته ڏاچي زخمي هئڻ سبب گهٻراهٽ ۽ خوف جو شڪار ٿي وئي آهي، ڏاچي جي سار سنڀال کي ظاهر ڪرڻ جا ٻيا به گهڻا طريقا آهن.
سندس چوڻ هو ته خبر پئي آهي ته سنڌ جو گورنر اڄ منجهند زخمي ڏاچيءَ جي عيادت ڪري رهيو آهي، مان هن کي درخواست ڪنديس ته مهرباني ڪري ان کي سرڪس يا فوٽو سيشن ۾ تبديل نه ڪن.
شازيه مري جو چوڻ هو ته اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڏاچي زخمي آهي ان لاءِ خوفزده آهي.
سينيٽر قرت العين جو چوڻ هو ته ڪو به جانورن جي اسپتال جي انتطاميه جي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، ڏاچي گوڙ ۾ ڇا محسوس ڪري رهي هوندي ٿورو خيال ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته گورنر جي دوري سبب ميڊيا رڳو ريٽنگ لاءِ زخمي ڏاچيءَ مٿان هجوم ڪرڻ لاءِ بيٺل آهي………..